حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ٿيل معاهدي جا تفصيل سامهون اچي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ معاهدي جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته ريونيو وڌائي پهگاردار طبقي تي ٽيڪس کي هر ممڪن حد تائين گهٽايو ويندو، بجلي بلن ۽ ٽيڪسز کي فوري طور گهٽايو ويندو، وڏن جاگيردارن ۽ لينڊ هولڊرز تي انڪم ٽيڪس جو اثرائتو نظام واضح ڪيو ويندو، جڏهن ته واپارين ۽ ايسڪپورٽرز جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي ويندي.
معاهدي موجب، آءِ پي پيز جي معاهدن تي مڪمل نظرثاني ڪئي ويندي، آءِ پي پيز واري معاملي تي ٽاسڪ فورس قائم ٿيندي جيڪا هڪ مهيني اندر ڪم مڪمل ڪندي، آگسٽ جي بجلي بلن جي ادائيگي کي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويندو، ڪيپيسٽي پيمنٽس جي ادائيگيون بجلي في يونٽ جي ڪمي سان واڳيل هوندي.
معادي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽاسڪ فورس ۾ واپڊا چيئرمين، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ۽ ايف پي سي سي آءِ جا نمائندا شامل هوندا جڏهن ته معاهدي ۾ حڪومتي ٽاسڪ فورس جا نڪتا به شامل آهن.
معاهدي موجب، ڪي اليڪٽرڪ جو فارنزڪ آڊٽ ڪرايو وينديو، سرڪاري سطح تي استعمال ٿيندڙ گارڏين کي 1300 سي سي تائين محدود ڪيو ويندو، حڪومت کاڌي پيتي وارين شين جي اگهن ۽ ٽيڪس گهٽتائي آڻيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.