چين جو وڌندڙ اثر رسوخ:پاڪستان ۾ به بنگلاديش جهڙو ايڊونچر؟

اسلام آباد(عمران شفقت) پي ٽي آءِ باني عمران خان 13 آگسٽ تي حقيقي آزادي لاءِ ماڻهن کي روڊن تي نڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي، اهو ان منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويندو؟ هن کي اندرين  ۽ ٻاهرين قوتن جي پٺڀرائي حاصل  آهي،جيڪڏهن ان ڏينهن تي عمران خان ڪامياب ٿي ويو ته جن عالمي قوتن بنگلاديش ۾ تازي ڪاميابي ماڻي آهي اهي ٻيهر ڪامياب ٿي وينديون،چين جي بي آءِ آءِ منصوبي ۾ بنگلاديش جو ته ننڍو ڪردار هو پوءِ حسينه واجد جو اهو حشر ڪيو ويو،پاڪستان ۾  سي پيڪ فليگ شپ رٿا ڪرنگهي جي هڏي آهي،عالمي اسٽيبلشمينٽ چين جو اثر رسوخ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان ۾ بنگلاديش طرز تي ايڊونچر ڪري سگهي ٿي،ملڪ اندر عمران خان جي جيڪا شخصيت مدد ڪري رهي آهي اهو اقتداري سياست ۾ اهم ڪردار آهي جنهن آڏو ڪنهن آرمي چيف، جنرل، صدر،وزيراعظم سميت ڪنهن به انڪار جي جرئت ناهي ڪئي،اهو نالو ملڪ رياض آهي،عمران خان لاءِ سڄو پئسو ملڪ رياض جو خرچ ٿي رهيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ملڪ رياض جي انا کي مجروح ڪيو آهي،آرمي چيف جي ڪري پهريون ڀيرو ملڪ رياض ملڪ کان فرارآهي، هي جنگ عمران خان ۽ آرمي چيف جي ناهي بلڪه ملڪ رياض ۽ آرمي چيف جي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 09 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.