نظرئي ۽ فڪر کان سواءِ تحريڪ قومن کي فائدو ناهي ڏيندي: اياز پليجو

ڪراچي ( رپورٽر ). قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو آهي ته  سنڌ جي زمينن، پاڻي، وسيلن ۽ معدنيات تي قبضن خلاف سنڌ جي نوجوانن، شاگردن کي ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ھن دور ۾ سنڌ جو  عوام مسئلن ۾ گھيريل آھي سڄي سنڌ جي عوام کي پنھنجي سياسي پارٽين ۽ قيادتن سان گڏ بيھڻو پوندو. صرف سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ ، مايوسي ۽ ڊپريشن پکيڙڻ سان مسئلا حل  ڪونه ٿيندا ۽ پنهنجي ڀيٽ ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن سان ڪرڻ بجاءِ پنهنجي معروضي حالتن کي سمجهي پوءِ سياسي گس اختيار ڪرڻو پوندو جيڪو سنڌ ۽ ملڪ جي 25 ڪرڙو ماڻهن جي دائمي مفاد ۾ ھجي، عارضي ۽ ايڊھاڪ واري سياست ڇڏي ڊگهي ۽ دائمي سياست جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.هن اها ڳالهه رائيٽر انيڊ ريڊرس ڪيفي طرفان آرٽ ڪائونسل ۾  شيخ اياز جي ڪتاب ساهيوال جيل جي ڊائري ۽ اختر بلوچ جي ڪتاب قيدياڻي جي ڊائري جي عنوان تي صدارتي خطاب ڪندي چئي. هن چيو تہ ون يونٽ ۽ووٽر لسٽن جي ناانصافين خلاف جدوجهد ھلي جنھن جي قيادت سنڌ جي محبت وطن عوام دوست ۽ وطن دوست سياسي ڪارڪن، اڳواڻن، عورتن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ڪئي. ايوب ۽ يحيي جي آمريت دور ۾ سنڌ جي قلم ڌڻين، ڏات ڌڻين، سياسي اڳواڻن، شاگردن ۽ شاگردياڻين شاندار ڪردار ادا ڪيو شيخ اياز رڳو سنڌ ۽  پاڪستان جو نہ بلڪي برصغير ۽ دنيا جو وڏو شاعر آهي سندس ڪتاب ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ نه صرف جيل جا واقعا قلمبند ڪيا آهن پر پنهنجي سڄي زندگي جي يادگيرين، سياسي، ادبي، علمي ويساھن، جدوجھدن ۽ نظرين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اختر بلوچ سنڌ، پاڪستان نه پر برصغير جي پھرين ننڍي عمر جي شاگردياڻي ھئي جنهن ووٽر لسٽ جي تحريڪ ۾ پنهنجو پاڻ کي جدوجهد ۽ قرباني لاءِ پيش ڪيو اختر بلوچ جي جدوجهد سنڌ ۾ سياسي جدوجهد ۾ ماٺار کي پاڻي ۾ پھريون پٿر اڇلائي لوڏي ڇڏيو جڏهن حيدرآباد ۾ شاگردن کي رات جو تشدد ڪري گرفتار ڪيو ويوان وقت ائين  لڳو تہ تحريڪ ختم ٿي وئي آهي پر اختر بلوچ ميدان ۾ لھي ان جدوجهد جو رخ موڙي ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا ۾ نيلسن ميڊيلا، ڀڳت سنگھ ۽ ٻين وڏن ماڻهن جون جيل جون ڊائريون مثال آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ نظرئي ۽ فڪر کانسواءِ ايڊھاڪ بنياد تي ڪيل عارضي جدوجهد سنڌ کي مسئلن جي حل ۾ مدد نہ ڪري سگھندي. پروگرام ۾ مدد علي سنڌي، ڪرن سنگهه، نورالھدا شاھ، اختر بلوچ جي نياڻي بختاور پليجو ڳالهائيندي چيو ته  شيخ اياز ۽ اختر بلوچ ۽ سندن لکيل ڊائريون اڄ به اسان لاءِ قومي حقن جي ويڙه ڪرڻ لاءِ حوصلو ۽ عزم پيدا ڪن ٿيون اهي ڪتاب سنڌ جي سياسي تاريخ جا ٻه شاندار باب آهن، جن کي نئون نسل پڙهي ۽ انهن تي تحقيق ڪري.هنن چيو ته شيخ اياز جي شاعري ون يونٽ خلاف جدوجهد ۽ ان بعد هر ويڙه ۾ پنهنجي شاعري وسيلي جنگ جا طبلووڄايا ۽ قوم کي بيدار ڪيو هو. هنن چيو ته ادي اختر بلوچ جيڪڏھن ان تحريڪ ۾ نه ويھي ھا ته اھا تحريڪ ختم ٿي وڃي ھا، اختر بلوچ سنڌ جي ھڪ بھادر عورت ھئي، اختربلوچ پنھنجي احتجاج دوران گرفتار ي دوران جيل ۾ ھي ڊائري لکي ھئي، شيخ اياز ۽ اختر بلوچ جون لکيل ڊائريون سنڌ جي سياسي ادب ۽ ماضي جي شاندار جدوجهدن جي ميراث آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.