موسميات کاتي پاران 9 آگسٽ کان برساتن جي اڳڪٿي

لاهور ( ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته مون سون جي نئين سيزن سڀاڻي شروع ٿيندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 9 آگسٽ کان مون سون جون هوائون عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال کان ملڪ ۾ شدت سان داخل ٿينديون، جنهن سبب ايندڙ 3 ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 9 ۽ 12 آگسٽ جي وچ ۾ ڪشمير، وادي نيلم ۽ رولاڪوٽ ۾ تيز هوائن سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ان دوران مختلف هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ چئن ڏينهن ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، تله گجر، گجرات، مري گليات، چکوال ۽ جهلم ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ، گلگت بلتستان ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

تيز برساتن سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوهستان، دير، سوات، شانگلا، صوابي، اسلام آباد، راولپنڊي، اوڀر پنجاب ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي. 13 آگسٽ کان ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

جڏهن ته ان دوران ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.