بلوچستان حڪومت پاران شهرين کي مفت پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو اعلان

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاسپورٽ ٺهرائيندڙ شهرين کي مفت پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا ۽ نادرا عملدارن پاران بلوچستان جي وڏي وزير کي ڪمپيوٽرائزڊ هٿيارن جي لائسنس جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

هن ڪمپيوٽرائزڊ هٿيارن جي لائسنس جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته اسان عوام جي سهولت لاءِ پاسپورٽ آفيس سان معاهدو ڪيو آهي، هاڻي حڪومت شهرين جي پاسپورٽ جي فيس ادا ڪندي.

هن چيو ته چمن جي شهرين کي مفت پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا ۽ پاسپورٽ جي فيس 16 هزار حڪومت ادا ڪندي. مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جا ڊوميسائيل رکندڙن کي هٿيارن جا لائسنس ملندا، سڄي بلوچستان ۾ ڊجيٽل هٿيارن جا لائسنس عام ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.