واشنگٽن (م ڊ) ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين آمريڪي سياستدانن کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزام ۾ پاڪستاني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. آمريڪي انصاف واري کاتي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 46 سالن جي آصف مرچنٽ تي ايراني حڪومت سان لاڳاپن جو الزام آهي ڪنهن "ڪرائي جي قاتل ” طور ڪم ڪيو. آصف مرچنٽ کي 12 جولاءِ تي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو آمريڪا ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مٿس نيويارڪ جي وفاقي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني شهرين کي لبنان جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان حڪومت وچ اوڀر جي خراب صورتحال سبب پاڪستاني شهرين کي لبنان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. غزه جنگ، حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت سبب خطي ۾ امن امان جي صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده صورتحال ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني ايندڙ حڪمن تائين غير ضروري طور تي لبنان جو سفر نه ڪن.
-
حڪومت آءِ پي پيز جو ملبو به پي ٽي آءِ تي وجهي ڇڏيو
اسلام آباد (م ڊ): سينيٽ جي بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري آءِ پي پيز جي فرانزڪ بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن. سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اويس لغاري چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ محمد علي جي رپورٽ ۾ آئي پي پيز جو آڊٽ ڪرڻ جو چيو ويو، پر پي ٽي آءِ حڪومت جاچ بدران آءِ پي پيز جي معاملي کي رولڙي جو شڪار بڻايو، جنهن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. اويس لغاري چيو ته جيڪڏهن اڻپوري رپورٽ تي ٽياڪڙي ٿئي ها ته آءِ پي پيز کي ڪلين چٽ ملي وڃي ها، اسان جي حڪومت آءِ پي پيز جي معاملي کي سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آءِ پي پيز جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.