اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي سبب نوان چئلينجز سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن ته غلط معلومات ۽ پروپئگنڊا بابت ضابطه اخلاق تي عمل ڪيو وڃي. پئمرا چيئرمين محمد سليم صدر آصف زرداري سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪري 23-2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر آصف زرداري ڪوڙين خبرن ۽ غلط معلومات کي روڪڻ تي زور ڏيندي چيو ته حقيقتن جي جاچ ۽ معلومات جي تصديق جي ڪلچر کي هٿي ڏني وڃي، ميڊيا سماج ۾ رواداري ۽ اتحاد کي وڌائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ صحافت جي اعليٰ معيار کي برقرار رکي. صدر جديد ٽيڪنالوجي ۽ انساني وسيلن سان پئمرا جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پئمرا چيئرمين صدر کي ميڊيا جي ريگيوليشن ۽ ترقي ۾ پئمرا جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو.