اسلام آباد(عمر چيما+اسد طور+عاصمه شيرازي) حڪومت سپريم ڪورٽ خلاف اعلان جنگ ڪري ڇڏيو، مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل نه ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪري ڏيکاري،سپريم ڪورٽ ان قانون سازي کي رد ڪندي يا ردعمل نه ڏيندي؟ اهو سوال بحث طلب آهي،حڪومت ۽ پارليامينٽ پنهنجا پتا شو ڪري ڇڏي، هاڻي سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو ڏيندي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار تي به ڇنڊا پوندا، اهو فيصلو هاڻي جلد جاري ٿيڻ گهرجي، جسٽس منصور علي شاهه سميت 8 ججن لاءِ قانون سازي وڏو پيغام آهي،حڪومت جو هڪ حلقو اهو تجويز ڪري رهيو آهي ته نئين چيف جسٽس منصور علي شاهه جي سيپٽمبر ۾ مقرري کان اڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو آرٽيڪل 51 ۽ 106 سان تعلق ناهي،امڪان ناهي ته سپريم ڪورٽ ان قانون سازي کي رد ڪري،ان قانون سازي سان هڪ پارٽي(پي ٽي آءِ) متاثر ٿيندي،هاڻي چومکي لڙائي شروع ٿي چڪي آهي،ان کان اڳ عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جهيڙو هو هاڻي پارليامينٽ ۽ حڪومت به ميدان ۾ لهي پيون آهن.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 07 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو