اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 8 آگسٽ تي ڌرڻا مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڌرڻو 8 آگسٽ کان اڳتي وڌندو، مري روڊ تي جلسو ٿيندو، 11 آگسٽ تي لاهور ۾ وزيراعليٰ هائوس ٻاهران وڏو ڌرڻو ۽ جلسو ٿيندو ۽ 14 آگسٽ کان پوءِ مڪمل هڙتال ٿيندي.مهانگي بجلي خلاف راولپنڊي ۾ جاري ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته 12 آگسٽ تي پشاور ۾ جلسو ۽ ڌرڻو هنيو ويندو، سڄي ملڪ ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال جو سڏ پڻ ڏنو ويندو، 14 آگسٽ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.هن چيو ته ڌرڻا مارچ جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل سڀاڻي ٻڌائيندس، في الحال حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ اسان جي ايجنڊا ناهي، اهو حڪومت تي آهي ته اها اسان کي ان طرف وٺي ٿي وڃي يا نه.هن چيو ته آءِ پي پيز جا ڪجهه معاهدا ختم ڪيا وڃن ۽ ڪجهه تي نظر ثاني ڪئي وڃي، ان حوالي سان رڳو اعلان نه پر حڪومت طرفان عمل ڪيو وڃي. مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ آءِ پي پيز جي معاهدن تي نظرثاني اڻٽر آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته آءِ پي پيز کي جيڪا ادائگي ڪئي پئي وڃي اها قوم کي قبول ناهي. حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري رهي آهي، آءِ پي پيز جي سمورن ٺيڪن جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي. بجلي جي بلن ذريعي گهرن جون بجيٽون تباهه ڪيون ويون آهن. بجلي جي قيمتن جي حساب سان بجلي جا بل موڪليا وڃن، حڪومت سامهون نه پئي اچي، پر پريشان ضرور آهي، سمورن آئي پي پيز جو فرانزڪ آڊٽ ٿيڻ گهرجي.جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته پشاور ۾ تاريخي ڌرڻو ٿيندو، اسان 14 آگسٽ کان پوءِ هڙتال جو اعلان به ڪنداسين، اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته هي بل اسان کي قبول ناهي، ٽيڪس نيٽ وڌايو وڃي پر غير ضروري ٽيڪس نه لڳايو وڃي.