ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۽ راڄڌاني ڪوئيٽا سميت پنجن علائقن ۾ ڌرڻا جاري آهن.گوادر شهر ۾ 27 جولاءِ کان موبائيل فون سروس معطل آهي پر پسني سميت ضلعي جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ موبائل فون سروس بحال ڪئي وئي آهي.پسني جي صحافين جو چوڻ آهي ته شاهراهن جي بندش سبب پسني ۾ اٽي ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي پر گذريل ڏينهن کان شهر ۾ اٽي جون ٽرڪون اچڻ شروع ٿي ويون آهن.گوادر جي ڀرواري ضلعي ڪيچ جي هيڊڪوارٽرز ۾ به موبائيل فون سروس بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب ماڻهن کي رابطي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.بلوچستان حڪومت جي گهرو کاتي جي آفيسرن موجب گوادر کي ڪراچي ۽ تربت سان ڳنڍڻ وارين هاءِ ويز کي کوليو ويو آهي، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته حڪومت مطالبن تي عملدرآمد ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري رهي آهي، جنهن سبب گوادر سميت بلوچستان جي ٻين علائقن مان جاري ڌرڻا اڃا تائين ختم نه ڪري سگهيا آهن.رابطا ڪميٽي جي اڳواڻن بيبرگ بلوچ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن هتي جمهوريت آهي ته وزير بدران ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ڇو ٿو ڪري؟.پرڏيهي فنڊنگ بابت الزام هڻڻ بدران ثبوت پيش ڪرڻ گهرجن، بيبرگ بلوچ چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر جيڪي مطالبا مڃيا ويا آهن انهن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي.