چين جي اعليٰ سطحي وفد جو گوادر جو دورو، سيڙپڪاري تي ڳالهيون

گوادر (ويب ڊيسڪ) چين جي اعليٰ سطحي وفد گوادر جو دورو ڪيو، دوري دوران مستقبل ۾ سيڙپڪاري جي موقعن، ترقياتي پروگرامن ۽ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ سميت موجوده منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

چين جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي مسٽر ونگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چيني وفد ۽ گوادر پورٽ اٿارٽي جي عملدارن وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) فيز 2 جي منصوبي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

بلوچستان جي ناڻي واري وزير ظهور بليدي سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو جنهن کانپوءِ بريفنگ ۾ گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين پسند خان بليدي گوادر پورٽ جي ڪاميابي لاءِ چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداري جي اهميت کي اجاگر ڪيو.

مسٽر يو بو جي چيئرمين – چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني COPHC پڻ واپار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قيمتي تجويزن سان فورم کي آگاهه ڪيو.

چين ۽ پاڪستان لازوال دوست آهن، جن جي دوستي جي تاريخ آهي. صنعتي سهڪار هن وقت تمام ضروري آهي ۽ چين جي تعاون سان وڏن منصوبن تي عمل سان خطي ۾ معاشي انقلاب ايندو ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا پيدا ٿيندا.

وفد مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ سمورن چيني ملازمن لاءِ ڪيل حفاظتي قدمن جي ساراهه ڪئي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.