ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ 11 سيڪڙو واڌ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ايڇ  آر سي پي انساني حقن جي صورتحال تي پنهنجي تازي سالياني رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ 11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. 2023ع دوران ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 90 هزار کان وڌيڪ واقعا ٿيا. چوري ۽ ٻين اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ 134 شهري مارجي ويا، جڏهن ته سوين زخمي ٿيا. هيومن رائيٽس ڪميشن جي رپورٽ ۾ امن امان جي صورتحال کي ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته هن عرصي دوران سنڌ ۾ رڪارڊ 3296 پوليس مقابلا ٿيا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.