ٽانڪ واقعو: پشاور هاءِ ڪورٽ پاران اهم قدم

پشاور (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ واقعي تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي.

چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس اشتياق ابراهيم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس سميت ٻيا موجود هئا.

 اجلاس ۾ججز تي حملي واري واقعي تي غور ڪيو ويو ۽ پوليس آفيسرن واقعي بابت بريفنگ ڏني.

چيف جسٽس هدايت ڪئي ته ججز کي فل پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. اجلاس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڪاميٽي ججز جي سيڪيورٽي لاءِ اثرائتن اپائن تي عور ڪندي. اجلاس ۾ شهيدن جي پونئرن لاءِ 40 لک رپين جو اعلان به ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.