لنڊن ( ويب ڊيسڪ) برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ايران جي ٻن ايجنٽن ذريعي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا کي قتل ڪرايو.
برطانوي اخبار موجب، اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد ايراني سڪيورٽي جي ٻن ايجنٽن ذريعي تهران ۾ اسماعيل هانيا جي استعمال هيٺ گيسٽ هائوس جي 3 ڪمرن ۾ ڌماڪيدار مواد رکرايو هو.
برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته اسماعيل اڪثر اڪثر ان عمارت ۾ ترسندو هو، اصل منصوبو اهو هو ته اسماعيل هانيا کي مئي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي جنازي ۾ شرڪت وقت قتل ڪرڻو هو، پر ان وقت آپريشن نه ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ناڪامي جو خدشو تمام گهڻو هو.
برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني اختيارين وٽ عمارت جا سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود آهن، جنهن ۾ ايجنٽن کي تيزيءَ سان ڪمرن مان ٻاهر نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.
برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ڌماڪيدار مواد رکندڙ ايجنٽ ملڪ ڇڏي چڪا هئا پر انهن جو تعلق ايران ۾ موجود هڪ ساٿي سان هو، ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو.
برطانوي اخبار پاران پاسداران انقلاب جي هڪ اهلڪار جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته کيس يقين نه هو ته موساد انصار المهدي سيڪيورٽي يونٽ جي ميمبرن کي ايجنٽ طور استعمال ڪندو.
واضح رهي ته حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه 31 جولاءِ تي ايران جي راڄڌاني تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.
اسرائيل ايران جي ٻن ايجنٽن ذريعي اسماعيل هانيا کي قتل ڪرايو: برطانوي اخبار جي دعويٰ
You might also like