شهيد نصرالله ۽ ٻين جا قاتل آزاد آهن، سچ دٻائيندڙ ڌريون اڄ به قابض آهن: ساڃهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي صحافين، سياسي، سماجي، ترقي پسند ۽ انساني حقن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته شهيد صحافي جان  محمد مهر، نصرالله گڏاڻي سميت ٻين شهيد صحافين جي قاتلن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري، صحافت جي مٿان مڙهيل پابندين ۽ ڪارن قانونن کي بنا دير ختم ڪري اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙو مطالبو هنن حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي 75 هين يوم تاسيس جي حوالي سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان  فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون  صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي سياسي شعور جي بلندي اھا آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين قومي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشي حقن لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ايوبي آمريت، ضياءَ جي آمريت ۽ مشرف جي مارشل لا دوران پي ايف يو جي سدائين شهري ۽ انساني حقن توڙي صحافتي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، پي ايف جي، جي تحريڪ پهرين تحريڪ هئي، جنهن ضياءَ کي للڪاريو هو ۽ جيڪڏهن ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن گرفتاريون پيش نه ڪن ها ته شايد هي صحافتي تحريڪ وڌيڪ سگهاري نه هجي ها.  هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي تي ڪابه سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي، جيتري پابندي ضياءِ جي دور ۾ ميڊيا تي هئي، اڄ ان کان وڌيڪ ميڊيا جي مٿان پابنديون آهن. ھن چيو ته اڳ ۾ اخبارن جي صفحن مان ڪا خبر ڪڍي ويندي هئي ته ايڊيٽر اها جڳهه ڇڏي ڏيندا هئا، جنھن سان اخبار پڙھندڙن کي اھا خبر پوي ته خبر سينسر ٿيل آهي.  سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته صحافي کي مڪمل طور تي ايماندار هجڻ گهرجي ۽ پنهنجن لکڻين سان ايمانداري ڪرڻ  گهرجي. ايڇ  آر سي پي جي  اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته پي ايف يو جي، جي تحريڪ هڪ فڪر، سوچ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي تحريڪ هئي، جنهن پاڪستان جي بنياد کي سگهارو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ضياء جي آمريت ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم کي ڦاهي تي چاڙهيو، ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور ڪيو ۽ پارليامينٽ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو حق نه ڏيڻ تي پاڪستان ٻه اڌ ٿي ويو. هن چيو ته اڄ به ملڪ تي اهي ماڻهو قابض آهن، جيڪي سچ کي دٻائڻ چاهين ٿا. کاٻي ڌر جي اڳواڻ تاج مري چيو ته پي ايف يو جي، جي ضياءَ مارشل لا خلاف اها تحريڪ نه هلي ته ها ته ٻيون جمهوريت پسند قوتون سامهون نه اچن ها ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪون شروع نه ٿين ها.  هن چيو ته اڄ به صحافت، جمهوريت ۽ ملڪ جي مظلوم قومن تي ساڳيا وار ٿين ٿا، صحافتي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻي صحافي دوست ڪن ۽ جمهوريت پسند ۽ روشن خيال ان تحريڪ جو حصو بڻجن. ٽريڊ يونين جي اڳواڻ محبوب قريشي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين محنت ڪشن، هارين ۽ مظلوم قومن جي حقن کي تسليم ئي نه پيو ڪيو وڃي، جنهن خلاف اسان جي جدوجهد جاري آهي.

سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ يعقوب ڪيڙانو چيو ته ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ تنظيمون ڪونه هيون پر تحريڪون هيون، اڄ تنظيمون آهن، پر اسان خاموش آهيون، اسان کي حق ۽ سچ جي جدوجهد جاري رکڻي پوندي. هاري تحريڪ جي اڳواڻ شوڪت پليجو چيو ته اسان جي جدوجهد پوئتي پيل طبقي لاءِ هئي، رسول بخش پليجي جو چوڻ هو ته توهان جيڪڏهن ان جدوجهد ۾ نه هوندا ته توهان سکي ڪونه سگهندا ۽ اسان جدوجهد ۾ اڳيان هوندا هئا ۽ گرفتاريون ڏنيون.  سينيئر صحافي ارشاد چنا چيو ته ملڪ ۾ مظلوم طبقن، جمهوريت ۽ آئين جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪندي ڪوڙا کاڌا ۽ جيل ڪاٽيا، اسان اڄ به اظهار راءِ جي آزادي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا پيا اچون. سينيئر صحافي نثار بالادي چيو ته اسان اڄ به ان دور کان وڌيڪ خطرناڪ دور مان گذري رهيا آهيون، پهريون ته خبر هئي ته کين گرفتار ڪري ڪٿي رکيو ويندو ۽ ڪيتري سزا ملندي پر اڄ کين خبر ئي ناهي ته کين ڪٿي ۽ ڪڏهن ماريو ويندو.  حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح آيل مهمانن کي آجياڻو ڏيندي چيو ته پي ايف يو جي جي جنم کي اڄ 75 سال پورا ٿيا آهن، 2 آگست تي پي ايف يو جي جو بنياد پيو ته ان وقت جي حڪمرانن اسان کي باغي سڏيو ۽ اسان پنهنجي وجود جي پهرين  ڏينهن کان اسان جي تنظيم بنيادي انساني حقن، اظهار جي آزادي ۽ جن پاڪستان جو بنياد وڌو انهن جي حقن لاءِ وڙهندي پئي اچي. سينيئر بلوچ قومپرست اڳواڻ رئوف خان ساسولي صحافين جي 75 سالن جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پي ايف يو جي جي جدوجهد سامراج ۽ آمريت خلاف هئي، پر مشرف جي دور کان پوءِ ملڪ ۾ صحافت ۽ سياست ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. هن چيو ته هاڻي ميڊيا جا ادارا صنعت بڻجي ويا آهن، اشتهارن جي بندش جي خوف کان پنهنجون مجبوريون ڏسيون وڃن ٿيون. ايڇ يو جي جي خزانچي جاني خاصخيلي چيو ته پي ايف يو جي ضياءَ جي قهري مارشل لا جو مقابلو ڪيو، ان دور ۾ صحافين، سياسي ڪارڪنن ۽ ٽريڊ يونين جي اڳواڻن جمهوريت ۽ صحافت جي آزادي لاءِ گرفتاريون پيش ڪيون. سماجي اڳواڻ سلمان جي ابڙو چيو ته پي ايف يو جي جو قيام هڪ جذبو هو، جنهن کي اسان مسلسل ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته پي ايف يو جي صحافي برادري، ضياءَ جي آمريت خلاف جدوجهد ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر ساجد خانزاده چيو ته ضياءَ دور ۾ اظهار جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ کي خبر هئي ته ساڻن ڇا ٿيندو، پر تنهن هوندي به هنن گرفتاريون ڏنيون حق ۽ سچ لاءِ وڙهيا. حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ظفر هڪڙو چيو ته پي ايف يو جي صحافين جي واحد جماعت آهي، جنهن صحافين جي مسئلن تي تحريڪون هلايون ۽ اسان به ساڻن گڏ آهيون. انساني حقن جي اڳوواڻ ڊاڪٽر خوشحالداس ڪالاڻي چيو ته هي وقت به صحافين لاءِ ڪو سٺو وقت ناهي، ويجهي ماضي ۾ نصر الله گڏاڻي، جان محمد مهر سميت ڪيترن ئي صحافين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان صحافت جي آزادي جي لاءِ صحافين سان هر قدم تي گڏ آهيون. سماجي اڳواڻ ڪاشف صديقي چيو ته اسان انصاف انهن کان ٿا گهرون جيڪي قاتل آهن، قاتل اسان کي انصاف نه ڏيندا، اسان کي قلم ذريعي انصاف لاءِ وڙهڻو پوندو ۽ انصاف حاصل ڪرڻو پوندو. ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانا آرائين، سماجي اڳواڻ مارئي اعواڻ، سبين جاويد چيو ته اسان عورتن جي اشوز تي ڪم ڪندڙ ايڪٽوسٽ آهيون، اسان کي خبر آهي ته ظالم کي سڃاڻڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو آهي، پر صحافين سدائين حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي. تقريب کي ايڇ يو جي ٺٽي يونين جي اڳواڻ اعجاز واريو ۽ ٻين خطاب ڪيو.  جڏهن ته ايڇ يو جي جي اڳواڻ فريد لاکي مختلف قراردادون پيش ڪيون. تقريب ۾ ضياءَ جي مارشل لا سان مهاڏو اٽڪائي جيل جون سختيون ۽ ڪوڙا کائيندڙ صحافين خاور نعيم هاشمي، ناصر ذيدي، اقبال جعفري ۽ مسعود الله خان کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ پي ايف يو جي جي صحافت جي آزادي واري تحريڪ ۾ جيل ڀوڳيندڙ حيدرآباد جي سينيئر صحافين جي اين مغل، ارشاد چنا، نثار بالادي، ٽريڊ يونين اڳواڻ محبوب قريشي ماضي جي شاگرد اڳواڻ شير مڱريو، کاٻي ڌر جي اڳواڻ تاج مري، محمد خان سولنگي، عوامي تحريڪ جي هاري تحريڪ جي اڳواڻ شوڪت پليجو ۽ يعقوب ڪيڙانو کي ايڇ يو جي پاران مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. تقريب ۾ سينيئر صحافين وفا رضا، مقبول ملاح، اشوڪ راماڻي، منصور مري، اشوڪ شرما، فاضل چنا، پیر نظام جان سرھندي، منير نارائي، رياض بجير، ونود ڪمار،  منصور جلالاڻي، شبير ڀٽي، خدا بخش بروهي، تنوير آرائين، شوڪت ميمڻ، غلام مصطفيٰ ڪاتيار سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ پي ايف يو جي جي 75 هين سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.