ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ ) جپان جولاءِ 2024ع تاريخ جو گرم ترين مهينو رهيو جنهن دوران گرميءِ جا اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جپاني موسمياتي ايجنسي ٻڌايو ته هلندڙ سال جولاءِ جي مهيني گرمي جا سڀ اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
ايجنسي موجب، 1898 کان موسمياتي انگ اکر جمع ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو جنهن موجب هلندڙ سال جولاءِ دوران گرميءَ جو 126 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.
ايجنسي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ سراسري گرم پد ۾ 2 ڏهائي 16 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته گذريل سال جولاءِ ۾ سراسري گرمي پد 1 ڏهائي 91 سينٽي گريڊ وڌيڪ هو.
ٻئي پاسي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ايجنسي جو چوڻ آهي ته هينئر تائين جپان ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 59 ڄڻا حياتي وڃائي چڪا آهن.
You might also like