سون اگهه ۾ مسلسل واڌ، هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه مسلسل واڌ جو سلسلو جاري، اڄ به سوين رپيا مهانگو ٿي ويو .
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون 2400 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک 57 هزار 3 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 2057 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 20 هزار 593 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس جي سون 26 ڊالر چاڙهه بعد 2458 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.