عمران خان کي مليل رليف منشيات ڪيس جي جوابدار لاءِ فائديمند

اسلام آباد (عمران شفقت+م ڊ) سپريم ڪورٽ مان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي مليل رليف ڏيڻ جي بنياد تي منشيات  جي جوابدار کي ضمانت ملي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته جوابدار خلاف 14 ڪيس آهن، ضمانت ڪيئن ڏئي ڇڏيون، منشيات جي ڌنڌي جو جوابدار ضمانت نه پر سزا جو حقدار آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته منشيات سماج لاءِ ناسور آهي ۽ اهو تعليمي ادارن ۾ به پکڙجي رهيو آهي. جنهن تي جوابدار عبيدالله جي وڪيل غلام سجاد گوپانگ چيو ته آرٽيڪل 25 تحت منهنجو ڪلائنٽ ۽ پي ٽي آءِ جو باني برابر جا شهري آهن، عدالت کي آرٽيڪل 25 تحت ٻنهي کي هڪ ئي نظر سان ڏسڻو آهي. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي آءِ باني جو هن ڪيس سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته عمران خان کي 200 کان وڌيڪ ڪيسن جي باوجود سپريم ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ ضمانت ڏني، ان وقت کيس چئن ڪيسن ۾ سزا مليل هئي، منهنجي ڪلائنٽ تي رڳو چوڏهن ڪيس آهن، هو  ضمانت جو وڌيڪ حقدار آهي.   وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ جي باني تي دهشتگردي جا ڪيس آهن، سائفر ڪيس ۾ ته موت جي سزا به ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ ٻڪري جو گوشت، ديسي ڪڪڙ کائڻ لاءِ ملن ٿا، منهنجي ڪلائنٽ کي اهڙي ڪا به سهولت مليل ناهي. وڪيل جي دليلن بعد ٽه رڪني بئنچ جوابدار عبيدالله جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. وڪيل جي دليلن تي ججز کلندا ۽ مسڪرائيندا رهيا. ائين سپريم ڪورٽ جو جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي ئي ڏنل فيصلي سبب ڏچي ۾ پئجي ويو، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هڪ شخص کي رليف ڏيندي ته سڀني کي رليف ڏيڻو پوندو. عمران خان کي عدليه مان غير ضروري رليف مليو آهي، ان سان اهڙا سوال ته ضرور اٿندا. عدليه عمران خان جي محبت ۾ جيڪي فيصلا ڪيا آهن، انهن بابت جواب ڏيڻو پوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 02 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.