مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جبل ۽ کارسر جي ڪٽائي خلاف ويراواھ شهر ۾ پاڪستان ڪولهي اتحاد جي سڏ تي رهواسي روڊن تي نڪري آيا، پاڪستان ڪولهي اتحاد جي اڳواڻ مهرو ڪولهي، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ مصطفىٰ دل، ميرمحمد دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين شهر مان ريلي ڪڍي مارچ ڪيو، ريلي شهر مان ٿيندي مين چوڪ تي پهتي، جتي سخت احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اُنهي موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر اسان جو تاريخي اثاثو آهي، سنڌ حڪومت کارسر جي ٽَڪري کان جبل نيلام ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، جيڪا سازش اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان واضح طور ٻُڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪارونجهر جو هڪ به پٿر کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين،کارسر ٽَڪري اندر تاريخي ڳوٺ آباد آهي، جتي هزارن تي تعداد ۾ انساني آبادي رهي ٿي، جهنگلي جيوت ۽ پکين سميت جانور رهن ٿا،کارسر ٽَڪري جي ڪري اُتان جي 2 ڪلوميٽر ايريا ۾ پيئڻ جو پاڻي مِٺو آهي،پويان سڄو رڻ لڳي ٿو،ڪارونجهر جبل سميت سموريون ٽَڪريون رڻ آڏو ديوار بڻجي بيٺل آهن، جيڪڏهن ڪارونجهر جبل نه هجي ها ته هي علائقو ڪڏهوڪو رڻ ۾ تبديل ٿي وڃي ها، جبل کي ڪٽڻ جي صورت ۾ هي علائقو تباھ ٿي ويندو، ڪارونجهر سونهن ۽ انسانن جي جياپي سميت ملڪي سرحد لاءِ دفاع به آهي، هنن چيو ته اسين سنڌ سرڪار ۽ ٻين ادارن کي اپيل ڪريون ٿا ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج قرار ڏنو وڃي، ڪارونجهر مقامي ماڻهن جي جيئاپي جو واحد ذريعو آهي جنهن جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
”سيو ڪارونجهر“جا اسٽيڪر لڳائڻ واري مهم شروع
مٺي:”ڪارنجهر کي بچائڻ لاءِ مقامي نوجوانن گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي پويان ”سيو ڪارونجهر“جا اسٽيڪر لڳائڻ واري مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان وسڪاري دوران ٿر گهمڻ ايندڙ سياحن کي پنهنجين گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن تي سيو ڪارونجهر جا اسٽيڪر لڳائي اچڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
کارسر جي ڪٽائي خلاف اڄ به ڳوٺاڻن طرفان احتجاج جو سڏ
مٺي:کارسر جي نيلامي خلاف اڄ ڳوٺاڻن طرفان ويراواھ ۾ احتجاج ٿيندو، مقامي رهواسين پاران کارسر جي ڪٽائي خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي، ويراواھ شهر ۾ احتجاج ڪيو ويندو.