اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته 14 آگسٽ کانپوءِ چيني شهرين کي ويزا مفت ڏني ويندي، گڏيل منصوبن ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان منتقلي فائديمند ثابت ٿيندي.
چين جي اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن.بشام واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ٿيو آهي، ذميوار عنصرن کي سزا ڏياري ويندي.
وزيراعظم چيو ته چيني وفد جي دوري سان سيڙپڪاري کي هٿي ملندي ۽ يقين آهي ته چيني وفد جو دورو پاڪستان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو
چيني وفد جي سربراهه وانگ فوڪانگ چيو ته پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا ٽيڪنيڪل تعاون سان وڌيڪ مضبوط ٿيندا، مثالي مهمان نوازي تي پاڪستان جا شڪر گذار آهيون.