وزيراعليٰ بلوچستان جي چونڊ تڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن جو انڪشاف

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي تڪ ڊيرا بگٽي ۽ سوئي ۾ ترقياتي منصوبن ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.

اينٽي ڪرپشن کاتي ڊيرا بگٽي ۽ سوئي ۾ ترقياتي منصوبن ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين جو نوٽيس وٺندي سي اينڊ ڊبليو عملدارن خلاف 2 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي ورڪس اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي ملازمن سميت 4 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ملازمن تي لڳايل الزامن ۾ اڳواٽ ادائگي، غير معياري ڪم، ڪرپشن، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ اسڪيم مڪمل نه ڪرڻ جا الزام شامل آهن.

جاچ مڪمل ڪرڻ بعد جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن پاران وڌيڪ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.