مٺياڻي جي ڳوٺ ٽنڊڻ پنهور واسي پيرسن غلام شبير پنهور پنهنجي گهرواري سميت پاڙي ۾ رٿيل شادي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ته سندس پٽ ڏمرجي پيو. نافرمان پٽ ذوالفقار پنهور پيرسن پيءُ ماءُ کي تشدد ڪري ٻيهر گهران ڪڍي ڇڏيو. ان کان اڳ عوامي آواز جي خبر تي ايڊيشنل سيشن جج نوٽيس وٺي کين گهر واپس ڏياريو هو. پيرسن جوڙي عوامي آواز سان ڳالهائيندي مطالبو ڪيو ته نافرمان پٽ خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي.