عمران خان بابت بيان تي قائم آهيان، هن کي پيرن تي پوڻو ئي آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي اهو خام خيال آهي ته هو سيپٽمبر يا نومبر کانپوءِ حڪومت ۾ اچي ويندا. پي ٽي آءِ باني عمران خان بابت بيان تي قائم آهيان ته هن کي پيرن تي پوڻو ئي آهي.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته عليمه خان به پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران نرم لهجي ۾ ڳالهايو آهي، پهرين 9 مئي تي ٿيندڙ بغاوت جو ته سدباب ٿيڻ گهرجي، جيستائين 9 مئي جي بغاوت جو ڪو سدباب نه ٿو ٿئي تيستائين ڪا به دهليز پار نه ٿي سگهي.

وفاقي وزير چيو ته  9 مئي جي بغاوت جي ذميواري پي ٽي آءِ باني قبول ڪري ورتي آهي، پهرين تي هي 9 مئي جي ذميواري به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا.

خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن سياسي قوتن سان ڳالهين جو سوال آهي ته وزيراعظم اڳ ۾ ئي آڇ ڪري چڪو آهي، سياسي قوتن سان ڳالهين کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ 15 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي، نئين يونيورسٽي ٺاهڻ بدران تعليمي ادارن جون زمينون وڪرو ڪري رهيا آهن، هنن دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪيو آهي.

خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي ذات ۽ اقتدار کانسواءِ ڪا به شيءَ يا رشتو عزيز ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.