لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي سمورن مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ گهٽائي ڪري ڇڏي آهي.
ريلوي ترجمان موجب، مسافر ٽرينن جي سمورن ڪلاسن جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته اي سي ڪلاس جي ٽڪيٽ ۾ 100 کان 150 رپيا جڏهن ته اڪانومي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 50 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
ريلوي ترجمان موجب گهٽتائي 3 آگسٽ ڇنڇر کان سمورن مسافر ٽرينن تي لاڳو ڪئي ويندي.
You might also like