سنڌ حڪومت جو اسٽيل مل جي چار هزار ايڪڙ زمين بابت وڏو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اسٽيل مل جي 4 هزار ايڪڙ زمين چيني سيڙپڪارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسٽيل مل جي زمين تي چائنيز اسپيشل ايڪسپورٽ اڪنامڪ زون قائم ڪيو ويندو.
اها ڳالهه سنڌ جي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڪائونسل آف اڪنامڪ اينڊ انرجي جرنلسٽس (SAGE) جي ميمبرن سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي.
هن چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي زمين وڪرو ٿي ته ان جو حصو سنڌ حڪومت کي ملڻ گهرجي ڇو ته اسٽيل مل جي زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي ۽ سنڌ حڪومت اها زمين صرف اسٽيل مل لاءِ ئي ڏني هئي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت اسٽيل مل کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر اسٽيل مل جي سمورن رهتن جي ادائگي جي ذميواري وفاقي حڪومت جي آهي. سنڌ حڪومت روس، مقامي سيڙپڪارن ۽ ٻين دلچسپي رکندڙ ڌرين سان رابطو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.