افغانستان کان پاڪستان ۾ ويزا کانسواءِ مال بردار گاڏين جي داخلا تي پابندي لاڳو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) افغانستان کان پاڪستان ۾ ويزا کانسواءِ مال بردار گاڏين جي داخلا تي اڄ خميس کان پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڪسٽم اختيارين موجب افغان مال بردار گاڏين جي ڊرائيورن جي ويزا درخواستن تي عملدرآمد اڄ کان شروع ڪيو ويندو.
ياد رهي ته افغان اختيارين جي درخواست تي جنوري کان 31 جولاءِ تائين ويزا جي شرطن ۾ نرمي ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.