جهانوي ڪپور مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سينسر بورڊ بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور جي نئين ٿرلر فلم ” الجهه “ کي نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، فلم کي ” ايو اي “ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي، ٻه ڪلاڪ 14 منٽ دورانيي جي فلم ۾ ڪو ڪٽ ناهي لڳايو ويو، پر مختلف سينز ۾ گٿا لفظ ميوٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
فلم 5 جولاءِ تي رليز ٿيڻي هئي پر ڪجهه سبب جي بنياد تي ” الجهه“ جي رليز ملتوي ڪئي وئي هئي.
اداڪارا جهانوي ڪپور انسٽاگرام تي فلم جي نئين رليز جي تاريخ جو اعلان ڪيو ۽ مداحن کي خبر ڏني ته ” الجهه “ پنج آگسٽ تي رليز ٿي رهي آهي.
فلم جي ڪهاني هڪ نوجوان ڀارتي سفير جي چوڌاري ڦري ٿي جنهن کي پنهنجي ڪيريئر ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ مختلف ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
فلم ۾ جهانوي ڪپور سان گڏ ميٿيو ۽ گلشن ديويها مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.