ملڪ ۾ سون وري سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ گذريل ڏينهن سون جي قيمت ۾ لاٿ بعد اڄ وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 12 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک 53 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1039 ڊالر واڌ بعد 2 لک 17 هزار 365 رپيا آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ سون 27 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 2 هزار 415 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.