ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن نار ملڪن مان پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ڪندڙ پاڪستانين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستانين کي خبردار ڪيو ته يو اي اي ۾ رهندي پاڪستان ۽ ان جي ادارن يا سياستدانن خلاف ناڪاري پروپيگنڊا کان پاسو ڪن.
هن چيو ته يو اي اي ۾ رهندڙ يا وزٽ تي ويل پاڪستانين طرفان سوشل ميڊيا تي پاڪستان خلاف ناڪاري مهم ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڪيترن کي 14 کان 15 سال تائين قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
قونصل جنرل چيو ته ان ڏوهه ۾ پنج کان وڌڪي پاڪستانين کي جنم ٽيپ جهڙيون سزائون ڏنيون ويون آهن، ڪيترن کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ اهڙا پاڪستاني تاحيات يو اي اي سميت نار وارن ملڪن جي ويزائون حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا.
بخيت عتيق الروميتي پاڪستانين کي خربدار ڪيو ته هو يو اي اي يا خليجي ملڪن ۾ رهندي هوشيار رهن، ڪنهن جي ڏٽي ۾ نه اچو ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي ملڪ خلاف ڪا به پروپيگنڊا نه ڪريو، نه ئي ڪنهن ناڪاري پروپيگنڊا کي پنهنجي پيجن تي شيئر ڪيو جيڪڏهن هو ائين ڪندا ته سندن خلاف قانون پٽاندڙ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته گڏيل عرب رياستن ۾ ڪو به پاڪستاني جيڪڏهن فيسبڪ يا ٻين سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ناڪاري پوسٽ کي شيئر يا لائيڪ به ڪندو ته يو اي اي ۾ سندس پيج به بند ڪيو ويندو.