اسرائيل جو ايران ۾ حملو، حماس جو سربراهه اسماعيل هانيا شهيد

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۾ اسرائيل جي حملي ۾ حماس جو سربراهه اسماعيل هانيا شهيد ٿي ويو.
حماس تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ اسماعيل هانيا جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حملي ۾ سندس هڪ محافظ به شهيد ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب، اسماعيل هانيا ايراني صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران پهتو هو ته سندس رهائشگاهه تي اسرائيل پاران حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو.
ايران جو چوڻ آهي ته اسماعيل هانيا تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ بعد نتيجا جلد عوام سامهون ايندا ويندا.
اسماعيل هانيا ڪير هو؟
غزه جنگ دوران اسرائيلي حملي ۾ اسماعيل هانيا جا ٽي پٽ ۽ چار پوٽا به شهيد چڪا آهن.
حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا فلسطيني گروپ جي عالمي سفارتڪاري جو ڪردار ادا ڪندو هو، هن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، غزه ۾ سفري پابندين کان بچڻ لاءِ اسماعيل هانيا ترڪي ۽ قطر ۾ رهندو هو.
فلسطين جو اڳوڻو وزيراعظم اسماعيل هانيا حماس جي سياسي ونگ جو سربراهه هو کيس 2017ع ۾ خالد مشعال جي جاءِ تي حماس جو سياسي سربراهه مقرر ڪيو ويو هو .
ٻه هزار ڇهه ۾ فلسطيني چونڊن ۾ حماس جي اڪثريت کانپوءِ اسماعيل هانيا کي فلسطيني اٿارٽي جو وزير اعظم به مقرر ڪيو ويو هو، حماس ۽ فتح وچ ۾ اختلافن سبب اها حڪومت گهڻي عرصي تائين قائم نه رهي سگهي پر غزه ۾ حماس جي حڪومت قائم رهي ۽ اسماعيل هانيا ان جو سربراهه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.