ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقارراڄپر+ جاني سومرو + جميل چانڊيو ) سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته شهيدن جي نالي تي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ( ڊي ايڇ اي ) جي اسڪيم ٺاهي پلاٽن جي وڪري واري ڪاروبار ڪرڻ بجاءِ شهيدن جي وارثن کي سندس اباڻن علائقن ۾ رهائشي پلاٽ، زرعي زمين ۽ روڪ رقم ڏيڻ جي روايت قائم ڪري، سنڌ حڪومت پاران ڊي ايڇاي کي ڪياماڙي ڪراچي جي سامونڊي پٽي واري 6 هزار ايڪڙ زمين رهائشي اسڪيم ڏيڻ واري رٿا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت اهو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي، سنڌ جي زمين تي پهرين حق مقامي آبادي جو قبول ڪندي ديهه الله ٻنو، ديهه ڇتارا، ديهه ميندياري سميت اتان جي سمورن مقامي آبادين کي رهائشي فارم 2 ۽ زرعي زمين جا مالڪاڻا فارم 7 فوري طور جاري انهن جو روينيو رڪارڊ ۾ داخلا ڪرائي کين قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت ڪياماڙي جي صدين کان آباد ڳوٺن کي بنيادي زندگي جي ضرورتن تعليم، صحت ،فني تعليم، رستا، بجلي، گئس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهولتون جلد فراهم ڪري. اها ڳالهه ڪالهه هڪ مقامي هوٽل ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ( ايس يو پي ) جي ميزباني هيٺ سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي ڪياماڙي ضلعي ۾ 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ خلاف مختلف سياسي پارٽين جي طرفان هڪ گڏيل قرارداد ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي سربراهه زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته چونڊن نتيجن کي هٿرادو نموني ٺاهي ، احتساب واري فائلن کي روڪيو ويو ان بدلي سنڌ جي زمينن جو سودو ڪيو ويو آهي، موجوده سنڌ حڪومت هڪ هڪ معاهدي تحت وجود ۾ آئي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ سمورن شهيدن لاءِ هڪ ئي ڊي ايڇ اي ڪافي آهي، هي زمينون اسان جي ايندڙ نسلن جون آهن. هن چيو ته لکين ايڪڙ زراعت جي نالي حوالي ڪمپنين حوالي ڪرڻ، ٽوئرزم جي نالي زمينون حوالي ڪرڻ ائين ئي سموري قيمتي زمينن جو سودو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين اهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن، سنڌ حڪومت جو ڪم آهي ته هتان جي ماڻهن جي زمينن جو تحفظ ڪري پر لکين ايڪڙ زمين هزارن ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن ۽ اسان جون زمينون آهن اسان اهي آباد ڪيون يا نه اسانجي مرضي ته آهي اتي جهوپڙيون اڏيون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ طرفان اصلوڪن رهواسين متعلق 2007ع ۾ پاس ڪيل قرارداد جي پاڪستان حڪومت طرفان بار بار ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌين کان سندن تاريخي وطن ڦرڻ جي سازش آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌين کان زمينون ڦري عالمي قانونن کي لتاڙيو پيو وڃي. هن چيو ته هاڪس بي جي 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ بدران مقامي سنڌي مزدورن کي ڏني وڃي. بوگس ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارا جعلي ۽ فراڊي انگ جاري ڪيا ويا آهن، سنڌ جو عوام هن فراڊي ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ ٿيل ڊجيٽل دهشتگردي کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو ڪوبه اختيار ڪونهي ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي نمائندگي ناهي، اڄ ماڻهو چون ٿا سنڌ جا قوم پرست پگهار دار ٿي ويا آهن، اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي زمينن تي ڇانوڻيون ڪڏهن ٺھيون هن وقت حڪومت ڪنهن جي هلي ٿي. برطانيه جي دور ۾ سنڌ مان فوج ۾ ڀرتي ڪونه ٿيندي هئي ڇو جو سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن سان محبت هوندي آهي. هن چيو ته شهيدن جي نالي زمينون وٺي شاپنگ مال ۽ پلازا ٺاهيا وڃن ٿا ملڪ ۾ مخالف ڌر به اسٽيبلشمينٽ جي آهي، اسانجي نمائندگي جاگيردارن ميرن پيرن وٽ آهي جيڪي وطن جو وڪرو ڪري رھيا آهن، ڪراچي شهر ۾ ڪو افغانستان مان ڪو انڊيا مان ته ڪو بنگال مان آيو آهي انهن جون زمينون ليز ٿي ويون پر سنڌين جا ڳوٺ ليز نه ٿيا آهن. جماعت اسلامي جي اڳواڻ محمد حسين محنتي چيو ته 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي نه ڏني وڃي، اھو مطالبو سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين ۽ سنڌ ۾ رهندڙن جو گڏيل مطالبو آهي، شهيد ٿيل جن علائقن سان واسطو رکن ٿا کين زمين به اتي ئي ڏني وڃي، سنڌ ۾ کين زمينون ڏيڻ مقامي آبادي جي مفادن خلاف آهي، اڌ ڪراچي ڊي ايڇ اي کي ڏني وئي آهي، جيڪا ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي. پي پي پي 1970 کان وٺي سنڌ خلاف سازشن ۾ مصروف رهي آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي ، پريا ڪماري ٽن سالن کان گم آهي. جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پي پي پي کي سنڌ حڪومت حوالي ڪٸي آهي، اسٽبلشمينٽ سازش تحت سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪري سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. جي ڊي اي جي ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌ جي سپر هاءِ وي جا ٻئي پاسا قبضي هيٺ اچي ويا آهن، سال 2008 کان پوءِ پي پي پي سنڌ حڪومت وٺڻ لاءِ اسٽبلشمينٽ سان سنڌ دشمن معاهدا ڪندي رهي آهي، گڊو ۽ سکر بئراج جي ٺهڻ بعد به سنڌ ۾ لکين ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ علي پلهه چيو ته سنڌ عملي طور هڪ ڪالوني بڻجي چڪي آهي، سنڌ جي زمينن جووڪرو يا انهن تي قبضو ڪرڻ جو مسئلو حق حاڪميت جو مسئلو آهي۽ سنڌ جي وجود جو مسئلو آهي،جيڪڏهن سنڌ جي زمينن تي قبضا يا انهن جووڪروٿيندو رهيو ته پوءِ اڳتي هلي سنڌ جو وڏو وزير سنڌي نه ٿي سگهندو، سپريم ڪورٽ پاڪستان جي چيف جسٽس کي ان مسئلي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ هائي ڪورٽ ان خلاف انتظامي قدم کڻي. ڪراچي بار ايسوسيئشن جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌ جي زمينن تي پهريون حق سنڌين جو آهي، ڪراچي بار اول به 54 هزار ايڪڙ زمينن جي مسئلي تي آواز اٿاريو هو ۽ هاڻي به سنڌ جي زمين ڊي ايڇ کي ڏيڻ واري قدم خلاف آهي. هاڪس بي واري سامونڊي پٽي تي متاثر ٿيندڙ ڳوٺن جي اڳواڻ محمد علي ڀنڊ چيو ته ڳوٺاڻن وٽ 1917 جا به ڪاغذات موجود آهن ان هوندي ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ جو عمل ڪيو پيو وڃي. جمعيّت علماء اسلام (ف) ڪراچي جي جي صدر قاري محمد عثمان چيو تہ ھي مطالبو بلڪل جائز مطالبو آهي قرآن جي آيت آهي جنهن جو مقصد آهي ته ﷲ تيستائين ان قوم جي حالت نٿو بدلي جستيائين اها پاڻ نٿي چاهي شڪايت ڪندي چوندس ته توهان سڀ جماعتون متحد ٿيو هاڻي به اسان پنهنجي مسئلن کي حل ڪري سگهون ٿا جي يو آئي هميشه هن ڌرتي جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ساٿ ڏنو آهي .شھيد خالد محمود سومرو به سنڌ جي حقن لاءِ ڳاله ڪندو ھو اسان کين ڪچهري ۾ چوندا هئا سين ته توهان قوم پرست آهيو يا جي يو آئي جا اڳواڻ آهيون توهانکي چوندس ته ڀرپور نموني ٻاهر نڪرو مطالبا جائز آهن پر مطالبن لا تحريڪ زوردار هجڻ گهرجي غريبن جي زمين آخر ڇو؟ ڊي ايڇ اي وٽ ته سڄو ملڪ آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر) چيئرمين اسلم خيرپوري، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ نواز زئنور، مومن ميمڻ، خادم ٽالپر، اظهر جميل ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌ حڪومت طرفان ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ کي ڪراچي جي قديم سنڌي آبادي ۽ وجود خلاف هڪ سازش قرار ڏيندي چيو ته ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سنڌ جو عوام پنهنجي مزاحمت جاري رکندو.