گوادر/ ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن تي مبينا تشدد ۽ مختلف علائقن کان گوادر ويندڙ قافلن کي روڪڻ خلاف بلوچستان ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي آهي. هوڏانهن گوادر شهر ۾ بلوچ سوليڊرٽي ڪميٽي جي طرفان گوادر ۾ مرين ڊرائيو تي ڌرڻو پڻ جاري آهي. بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اهم شاهراهون به بند آهن. انهن هاءِ ويز جي بندش جو هڪ سبب حڪومت طرفان هڪ طرف رابطا ڪميٽي جي قافلن کي گوادر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ رڪاوٽون به لڳايون ويون آهن، جڏهن ته ٻئي طرف ڪجهه علائقن ۾ احتجاجن سبب بند پڻ آهن. هڪ سينيئر اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته گوادر ۾ مرين ڊرائيو تي بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي جو ڌرڻو اڱاري ڏينهن به جاري آهي. جڏهن ته هن چيو ته مئرين ڊرائيور ۽ ان جي ٻين علائقن ۾ تمام گهڻي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بي اينڊ آر آفيس کي نقصان پهچائڻ کان علاوه روڊ تي موجود ٻين تنصيبات کي به نقصان پهچايو ويو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو زمينون خريد ڪري هتي سيڙپ ڪندا، انهن کي بلوچ پنهنجو دشمن سمجهندا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي ماه رنگ بلوچ چيو ته اسان سڄي دنيا تي واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته هن زمين جا مالڪ پنڊي جا سپاهي نه پر گوادر جا مالڪ هتي جا بلوچ آهن. ساڳيءَ ريت ريڪوڊڪ جو مالڪ به ساڳيو بلوچ آهي، جنهن جي پيرن ۾ جوتا به ناهن.