تهران (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي حلف برادري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران جو دورو ڪيو.
نائب وزيراعظم عوام ۽ حڪومت طرفان نئين صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي کاتي جي بيان موجب هن نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪون ڏنيون.
هن ايراني انتظاميا جي حمايت ۽ ايڪي جو اظهار ڪيو.