اسلام آباد/لاهور (نجم سيٺي) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ رابطا بحال ٿي ويا آهن. ٻنهي ڌرين ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ هڪٻئي کي گيم پلان ڏئي ڇڏيو آهي. فوجي قيادت وڏي وقت کان رابطا ڪرڻ ۽ پيغام موڪلڻ جي ڪوشش ڪندڙ پي ٽي آءِ لاءِ ٿوري نرمي ڪندي رابطن کي هاڪاري موٽ ڏني آهي. اعتماد جي بحاليءَ لاءِ پي ٽي آءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ پاڪ فوج خلاف هلندڙ مهم بند ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي مطالبي تي حڪومت لاءِ سختي پيدا ڪئي وئي آهي ۽ ان لاءِ آءِ پي پيز جو اشو اٿاريو ويو آهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي ماڻهن جي اڪثريت آهي. حڪومت خلاف گهيرو تنگ ڪري پي ٽي آءِ کي هاڪاري پيغام ڏنو ويو. پي ٽي آءِ پارليامنٽ ۾ سيٽون ڏيارڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي، ان لاءِ شرط رکيا ويا آهن ته پي ٽي آءِ پارليامنٽ م هنگامو نه ڪندي، معاشي پاليسين ۾ رنڊڪ نه وجهندي. معاشي پاليسي خلاف ڪنهن به سرگرمي جي اجازت نه ڏني ويندي. تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ جون سيٽون ملڻ کانپوءِ ايوان ۾ اڪثريت تي حڪومت ۾ آڻڻ جي به مشروط آڇ ڪئي وئي آهي، ان لاءِ شرط رکيو ويو آهي ته عمران خان به نواز شريف وانگر گهر ويهندو، هن کي وزيراعظم بڻجڻ جي اجازت نه هوندي. پي ٽي آءِ کي مرحليوار نموني اقتدار جي رستي تي آڻي سگهجي ٿو. پهرئين مرحلي ۾ پي ٽي آءِ کي سيٽون ملنديون، ٻئي مرحلي مان پيپلزپارٽي پارٽي سان پي ٽي آءِ جو اتحاد ڪرائي کين اقتدار ۾ آندو ويندو. پي ٽي آءِ خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن کين سيٽون ملن ته هو پاڪ فوج ۽ ان جي قيادت تي حملا بند ڪندا. اهي ڳالهيون سڌيون فوجي نمائندن ۽ پي ٽي آءِ قيادت ۾ نه پيون ٿين پر اهي وچ وارن ماڻهن جي رستي شروع ٿيون آهن، ڳالھين لاءِ پي ٽي آءِ اسٽيبلشمنٽ کان معافي نه وٺندي. ٻئي طرف اسٽيبلشمنٽ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ٿيل ڳجهن رابطن کانپوءِ حڪومت به پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، جنهن کي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئرسٽر گوهر رد ڪري ڇڏيو آهي.آءِ پي پيز ۾ سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري پ پ ۽ ن ليگ جي اڳواڻن جي ڪيل آهي، بعد ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو به اچي ويا،گوهر اعجاز آءِ پي پيز کي ٽيڪسٽائل جي صنعت لاءِ خراب قرار ڏئي رهيو آهي،پر اصل ۾ هو حڪومت کي نشانو بڻائي رهيو آهي،هو اسٽيبلشمينٽ جي گيم جو حصو آهي
ڳرن بجلي بلن تي حڪومت غيرمقبول ٿيڻ جو امڪان
اسلام آباد(منيب فاروق) وفاقي سرڪار کي بجلي جي ڳرن بلن تي غيرمقبول ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو، اسٽيبلشمينٽ جي حمايت وڃائجڻ جو کٽڪو،وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پنجاب روزاني بنياد تي اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ڪنهن طريقي سان بجلي سستي ٿي وڃي، حڪومت تي عوام جو دٻاءُ وڌي ويو آهي، اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کان بغير حڪومت ختم نٿي ٿي سگهي، اها اهو چاهي ٿي ته حڪومت ٽيڪس گڏ ڪري، آءِ ايم ايف جا شرط به مڃي، هڪ طاقتور شخصيت جو اهو به چوڻ آهي ته هاڻي ملڪ ۾ فري کاتا بند ٿيڻ گهرجن،سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو،جڏهن ته هن ملڪ ۾ آئين،قانون جو ڪو به احترام نه رهيو آهي، مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي نه ملندي نظر پيون اچن،
عوام وڌيڪ قرباني نه ڏيندو،اشرافيه جون مراعتون ختم ڪرڻيون پونديون: حافظ نعيم
راولپنڊي(م ڊ) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير سميت سمورن ماڻهن کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو 1300 سي سي کان وڌيڪ گاڏي استعمال نه ڪن. راولپنڊي ۾ جماعت اسلامي جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي، جنهن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مراعتون ختم ڪرڻيون پونديون، سموريون قربانيون عوام کان نه گهرو. ماڻهو، پاڻ ڪجهه ڪريو. حافظ نعيم الرحمان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، آءِ پي پيز جي آڊٽ جو به مطالبو ڪيو. راولپنڊي ايندڙ عورت ڪارڪنن کي لاهور ۾ روڪڻ تي حافظ نعيم چيو ته مان پنجاب حڪومت ۽ وفاق کي چوان ٿو ته اهي رنڊڪون وجهي صورتحال کي خراب ڪري رهيون آهن. ان سان ڌرڻي تي ڪو فرق نه پوندو، جڏهن رڪاوٽون وجهندا ته اهي رڪاوٽون ٽوڙي وينديون. 5 مطالبا پيش ڪيا ويا، بجلي جي قيمتن جي بنياد تي قيمت مقرر ڪئي وڃي . امير جماعت اسلامي چيو ته وڏيرن ۽ زميندارن کان پڇو ته ڪيترا اهڙا آهن جيڪي عورتن کي وراثت جو حق ڏين ٿا. بلاول ڀٽو سان گڏ تصوير ۾ موجود ٻارن جي پيرن ۾ جوتا نه هئا. بلاول ڀٽو لکين روپين جا بوٽ پائي سنڌ جي ٻارن سان گڏ پوز ڪري رهيو هو.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته ڳوٺن ۾ عورتون ڪنهن کي ٻنين ۾ وڃي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. اسان جون عورتون سخت محنتي آهن، اهي عورتون به هن مهانگائي کان پريشان آهن. جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير سراج الحق چيو ته هر وزيراعظم چوي ٿو ته مان آءِ ايم ايف جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪندس، آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ۾ هڪ گورنر 800 ڪنال جي گهر ۾ رهي ٿو. هن چيو ته جلسي گاهه اچڻ وقت ڏٺم ته هڪ آفيسر سرڪاري گاڏي ۾ ٻارن کي بازار وٺي پيئي ويو، ٻار نه هجنس ها ته کيس جلسي ۾ وٺي اچان ها ته ڊيوٽي وقت کان پوِءِ سرڪاري گاڏي ڇو استعمال پيو ڪرين.
آءِ پي پيز معاملو وڌندو، بجلي 100 رپيا يونٽ ٿي ويندي: سليم مانڊوي والا
اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي فنانس ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جو چوڻ آهي ته انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) جو مسئلو گذريل 20 کان 25 سالن کان موجود آهي پر ڪنهن ان کي سنجيده نه ورتو، جيستائين اسٽرڪچر ۽ طريقيڪار ٺيڪ نه ٿيندو ته اهو مسئلو رهندو، اهو وڌيڪ خراب ٿيندو ۽ بجلي 100 رپيا في يونٽ ٿي ويندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاور سيڪٽر کي ٺيڪ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، آءِ پي پيز جي نه فرانزڪ آڊٽ ٿي رهي آهي نه ٽيڪنيڪل آڊٽ ٿي رهي آهي، سندن پلانٽس کي چيڪ نٿو ڪيو وڃي اها سموري ملي ڀڳت آهي، 48 ڪلاڪن ۾ 341 ارب رپين جي پيمينٽ ٿي آهي.
86 سيڪڙو بجلي واهپيدارن جو واڌو بار حڪومت کڻندي: مصدق ملڪ
اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته اهو فيصلو ٿي چڪو آهي ته ملڪ جي 86 سيڪڙو گهرن جي بجلي جو واڌو بار حڪومت برداشت ڪندي. ان لاءِ خزاني مان 50 ارب رپيا بجلي جي کاتي کي ڏنا ويا آهن. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته آءِ پي پيز جي ايشو تي جماعت اسلامي سان ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ هونديون.
اپٽما جو حڪومت کي خط، آءِ پي پيز بابت رڪارڊ طلب
ڪراچي(م ڊ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) وفاقي حڪومت کي خط لکي آءِ پي پيز بابت سموري معلومات طلب ڪري ورتي آهي.اپٽما جي سيڪريٽري جنرل معلومات تائين رسائي ايڪٽ تحت ايم ڊي پرائيويٽ پاور انفراسٽرڪچر بورڊ کي خط لکيو.خط ۾ 1994ع، 2002ع، 2008ع ۽ 2015ع جي پاليسين تحت قائم ڪيل پاور پلانٽس بابت ڄاڻ گهري وئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ۽ آءِ پي پيز وچ ۾ بجلي جي خريداري جي معاهدن جون ڪاپيون موجود آهن، واڌ جي معاهدن جون ڪاپيون به موجود آهن.اپٽما پاور پلانٽس سان ٿيل معاهدن بابت به معلومات طلب ڪئي آهي.
ڪراچي جي واپارين پاران آگسٽ مهيني جا بل نه پيئارڻ جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي واپارين پاران پيش ايندڙ مسئلن بابت جميعت الفلاح هال ۾ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي واپاري اڳواڻن محمود عالم، رضوان عرفان، حقير مير، سليم ميمڻ، رفيق شيخ، احسان گجر، آصف گل سليم راجپوت ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جا ڳرا بل موڪليا ٿا وڃن، حڪومت واپارين سان پيش ايندڙ مسئلن تي ڌيان نه پئي ڏئي، بجلي جي بلن جي مد ۾ ٽئڪسون لڳائي تاجرن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي، اسان مطالبو ٿا ته آئي پي پيز سان ڪيل معاهدو ختم ڪيو وڃي. واپاري اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آگسٽ جي مهيني ۾ ايندڙ بجلي جا بل ادا نه ڪنداسين، جلد هڪ تحريڪ هلائينداسين، پهرين آگسٽ تي بولٽن مارڪيٽ ۾ احتجاج ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو جيستائين واپارين جا مطالبا منظور نه ٿا ڪيا وڃن.
مفتاح اسماعيل پاران بجلي بل گهٽائڻ جو فارمولو پيش
اسلام آباد (م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بل گهٽائڻ جو فارمولو ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته بجلي جي بلن تان سڀ ٽيڪس جولاءِ ۽ آڪٽوبر لاءِ ختم ڪن. حڪومت کي پي ايس ڊي پي مان 185 ارب رپيا گهٽ ڪرڻ سان آءِ ايم ايف جي پرائمري سرپلس جو هدف حاصل ٿي ويندو. گذريل سال حڪومت 705 ارب پي ايس ڊي پي تي خرچ ڪيا، هن سال پي ايس ڊي پي 1400 ارب رپيا آهي، حڪومت عوام کان قرباني گهري رهي آهي. پي ايس ڊي پي کي 965 ارب رپين تائين آڻجي ته سڀني واهپيدارن جي بلن تان ٽيڪسن کي ختم ڪري سگهجي ٿو.