عمران خان يا قاسم خان ؟ جمائما جي وڊيو ته مداح ٻڏتر جو شڪار

لنڊن (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ پٽ قاسم خان جي وڊيو سان گڏ عمران خان جي وڊيو جو ڪولاج شيئر ڪيو آهي.
لنڊن سان واسطو رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي جمائما گولڊ سمٿ اڳوڻي مڙس عمران خان جي پٽ قاسم جي گذريل ڏينهن تصوير پوسٽ ڪرڻ کانپوءِ اڄ انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪئي آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته قاسم خان بلڪل پنهنجي پيءَ عمران خان جيان بالنگ ڪري رهيو آهي، اِها وڊيو پاڪستاني صحافي طرفان شيئر ڪئي وئي جنهن کي جمائما پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ اسٽوري تي شيئر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.