” مان سائرا بانو سان شادي ڪندس“

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ليجنڊري ڀارتي اداڪار مرحوم يوسف خان عرف دليپ ڪمار جي گهرواري سائرا بانو بالي ووڊ اداڪار سنجي دت جي ننڍپڻ جو واقعو شيئر ڪري ڇڏيو.
سنجي دت اڄ پنهنجي 65 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، ان ڏينهن جي حوالي سان اداڪار دليپ ڪمار جي گهرواري سنجي دت جي ننڍپڻ جو دلچسپ واقعو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي.
پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري سائرا بانو لکيو ته سنجي دت سدائين مون لاءِ گهر جي ڀاتي جيان رهيو آهي، اسان کيس ننڍڙي ٻار مان قابل انسان بڻجندي ڏٺو آهي.
هن چيو ته مون کي اڄ به ياد آهي ته نرگس آپا هڪ ننڍڙي ٻار ( سنجي ) کي اسان جي گهر فنڪشن تي کڻي آئي هئي، ان موقعي تي هن سنجي کي چيو ”هل سائرا کي ٻڌائي جيڪو مون کي چوندو آهين؟ سنجي مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو مان سائرا بانو سان شادي ڪندس.“
سندس وڌيڪ چوڻ هوءَ شرميلا ٽيگور سنجوءَ جي سڀ کان وڌيڪ پسنديدا اداڪارائون رهيون آهيون، سان گڏوگڏ هن سنجي دت کي سالگرهه جون واڌايون پڻ ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.