آءِ پي پيز معاهدا ختم ڪرڻ بابت حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته آءِ پي پيز معاهدا ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ڪيا ويندا.
نجي ٽي وي چئنل اويس لغاري چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪري ريڪوڊڪ جيان 9 سئو ملين ڊالر جا ڏنڊ ادا نٿا ڪري سگهون.
هن چيو ته حڪومت بجليءَ جا اگهه گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، آءِ پي پيز سان ڪيپسيٽي ادائيگين بابت ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، آمريڪي ڊالر جيڪڏهن 2015ع واري ريٽ تي برقرار رهي ها ته ڪيپييسٽي ادائيگيون 2100 ارب رپين بدران 8 سئو ارب رپيا هجن ها.
توانائي واري وزير چيو ته چين جي دوري دوران پاور سيڪٽر چيني قرض جي ري پروفائلنگ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، چيني پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ لاءِ به ڳالهيون ٿيون جنهن سان اڍائي رپيا في يونٽ گهٽائي ٿي سگهي ٿي، پاور سيڪٽر ۾ وياج جي بلند شرح تي اٺ ارب ڊالر جا قرض ورت ويا آهن جن جي ري پروفائلنگ ڪرڻ چاهيون ٿا، قرضن جي ري پروفائلنگ سان جيترو فائدو ٿيندو عوام تائين پهچائينداسين.
اويس لغاري وڌيڪ چيو ته ڄامشورو پاور پلانٽ کي اسان پاڻ مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.