پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گذريل مهيني پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻه ڀير واڌ بعد پهرين آگسٽ کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 3 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ اٺ رپيا 50 پئسا تائين لاٿ جو امڪان آهي.
پيٽروليم ڊويزن وزارت جي ذريعن موجب، عالمي سطح تي ڪچو تيل سستو ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي سمري اوگرا حڪومت ڏانهن اُماڻيندي، ناڻي وارو وزير وزيراعظم جي هدايتن تي 31 جولاءِ تي پيٽرويلم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.