ايڪس ( ٽوئيٽر ) خاموشي سان سمورن واهپيدارن جي اڪائونٽس جي سيٽنگز ۾ اهڙي تبديلي ڪئي آهي جنهن ذريعي هو پنهنجي آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل چيٽ بوٽ گروڪ کي اوهان جي ڊيٽا ۽ تفصيلن تي ٽريننگ ڏيندو.
ايڪس اهڙي سيٽنگ جو واڌارو ڪيو آهي جنهن ذريعي اوهان جي پوسٽن ۽ ٻي ڊيٽا کي گروڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
اِها سيٽنگ هاءِ ڊيفالٽ ان ايبل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته واهپيدارن جي ڊيٽا گروڪ تيار ڪندڙ ڪمپني ايڪس اي آءِ سان شيئر ڪري سگهجي ٿي.
پر سٺي ڳالهه اِها آهي ته اوهان ايڪس کي پنهنجي ڊيٽا اي آءِ چيٽ بوٽ سان شيئر ڪرڻ کان روڪي سگهو ٿا، ان لاءِ اوهان کي نئين سيٽنگ کي ڊِس ايبل ڪرڻو پوندو.
هڪ رپورٽ موجب، هونئن ته ايڪس جي موبائيل ايپ تي ان سيٽنگ کي ڊِس ايبل ڪرڻ ممڪن نه آهي پر اوهان ويب ورزن ۾ ائين ڪري سگهو ٿا.
ان لاءِ ويب ورزن ۾ ايڪس کي اوپن ڪري کاٻي پاسي موجود سائيڊ پئنل ۾ سيٽنگز اينڊ پرائيويسي پيج تي وڃو، اتي وڃي پرائيويسي اينڊ سيفٽي سيڪشن تي ڪلڪ ڪريو، اتي هيٺ اسڪرول ڪري گروڪ تي ڪلڪ ڪريو، اتي اوهان کي گروڪ سان گڏ چيٽ جي هسٽري به ڊليٽ ڪري سگهو ٿا، جنهن لاءِ ڊليٽ ڪنورشن هيسٽري نالي آپشن موجود آهي.
Prev Post
You might also like