بي اين پي پاران بي واءِ سي جي مظاهرن ۽ جلسن ۾ شرڪت جو اعلان

حب (ويب ڊيسڪ ) بلوچستان نيشنل پارٽي پاران بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي احتجاجي مظاهرن ۽ جلسن ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سينيئر نائب صدر ساجد ترين ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس چيو ته جلسي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙن کي روڪڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا، 8 فيبروري تي اليڪشن جي نالي تي ڊرامو ڪيو ويو، اسيمبلي ۾ جن کي ويهاريو ويو انهن جو بلوچستان جي عوام ۽ مفاد سان ڪو واسطو ناهي.
جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ پرامن ۽ هٿين خالي هئا، اهو عمل ماڻهن کي سياست کان پري ڪرڻ ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏيندو. بي اين پي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.