اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وزارت طرفان پارليامينٽيريز کي مفت يونٽ ملڻ جي ترديد نه ڪرڻ تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن وزارت خلاف قومي اسيمبلي ۾ استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي.
قومي اسيمبلي ميمبرن اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق سان رابطو ڪيو ۽ شڪايت ڪئي ته اسيمبلي ميمبر پارليامينٽ لاجز جو ڪرايو ادا ڪن ٿا، بجلي ۽ گيس جا بل به ڏين ٿا.
ميمبرن جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان اڳ سڀني ادائيگين جو اين او سي جمع ڪرائڻ لازمي آهي، توانائي وزارت جي ان مهم تي خاموشي مجرماڻي آهي.
اسيمبلي ميمبرن چيو ته توانائي وزارت کي فوري فيڪ نيوز جي ترديد ڪررڻ گهربي هئي.
اسپيڪر اياز صادق ميمبرن کي خاطري ڪرائي ته ميمبرن جي عزت تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، هائوس جو ڪسٽوڊين آهيان، ميمبرن جي عزت ۾ واڌ يقيني بڻائيندس.
You might also like