محمد عامر مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ چئن ورهين بعد واپسي ڪندڙ فاسٽ بالر محمد عامر هڪ هفتي ۾ ٽي ٽوئنٽي ليگز کيڏي ورتيون.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ ڊربي شائر فالڪنز لاءِ پنج ميچون کيڏيون، وري انگلينڊ ۾ دي هنڊريڊ لاءِ برمنگهم فينڪس جي نمائندگي ڪئي.
انکانسواءِ آمريڪا جي ميجر ليگ ۾ به محمد عامر هڪ ميچ کيڏي ورتي، جنهن ۾ هن رڳو ٻه اوور هلايا.
دي هنڊريڊ جي هڪ ميچ جو معاهدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ محمد عامر وينڪور نائٽس ۾ شموليت اختيار ڪندي گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ لاءِ ڪئناڊا ۾ موجود آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد رضوان، بابر اعظم سميت ٻين ڪرڪيٽرن کي گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ لاءِ اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.