واٽس ايپ اسٽيٽس شوقينن لاءِ وڏي خبر

عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ طرفان پنهنجي واهپيدارن جي سولائي لاءِ نت نوان فيچر پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻ ڪمپني انسٽاگرام جي بهترين فيچر جي آزمائش شروع ڇڏي آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، ڪمپني انسٽاگرام جهڙي هڪ نئين فيچر جي تياري تي ڪم ڪري رهيي آهي جيڪا واهپيدارن کي اهڙن اسٽيٽس اَپ ديٽ کي ٻيهر شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏيندو جتي کين ٽيگ ڪيو ويو هجي.
نئين فيچر کي ري شيئر اسٽيٽس اَپ ڊيٽ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو واهپيدار کي اهڙن اسٽيٽس جتي کيس ٽيگ ڪيو ويو هجي اتان کان پنهنجي ڪانٽيڪسٽ سان ري شيئر ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو.
واٽس ايپ جو اِهو فيچر فلحال تيار جي مرحلي ۾ آهي جيڪو جلد ئي واٽس ايپ جي مستقبل جي اَپ ڊيٽ طور متعارف ڪرايو ويندو جڏهن ته اِهو واضح نه آهي ته نئون فيچر ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.
رپورٽ موجب، نئون فيچر متعارف ڪرائڻ کانپوءِ فيچر ۾ اسٽيٽس اَپ ڊيٽ انٽرفيس جي اندر هڪ نئون بٽڻ شامل ڪيو ويندو، اِهو بٽڻ واٽس ايپ واهپيدارن کي سولائي سان اهڙن اسٽيٽس اَپ ڊيٽ کي ٻيهر شيئر ڪرڻ جي قابل بڻائيندو جتي کين ٽيگ ڪيو ويو هجي.
ان فيچر ذريعي واهپيدارن کي ٽيگ ڪيل اسٽيٽس جي اسڪرين شاٽس يا اصل شيئر ڪيل ڪنٽينٽ تي وڃي privately شيئر ڪرڻ جهڙي پريشاني کان بچايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.