واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ 9 آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن ميمبر طرفان پاڪستان ۽ چين مخالف بل پيش ڪيو ويو آهي.
آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪيل بل ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ ۽ پاڪستان طرفان مبينا خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀارت جي مدد جو واعدو ڪيو ويو آهي.
ريپبلڪن سينيٽر مارڪو روبيو طرفان پيش ڪيل بل ۾ آمريڪا تي ڀارت سان گڏ اسرائيل، ڪوريا، جپان ۽ نيٽو جهڙن اتحادين جهڙو ورتاءُ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
بل ۾ ڀارت جي خلاف مبينا قدمن تي پاڪستان جي امداد روڪڻ ۽ ڪانگريس کي آگاهه ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
You might also like