سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو حل زرداري وٽ آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي،  ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ۽ آئيني ايمرجنسي لڳائڻ جي ڳالهه جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ان جي باوجود ٽيڪنوڪريٽ جي حڪومت نه ٺهي سگهندي. هن  اهڙن خيالن جو اظهار پيپلز ليبر بيورو پاران منعقد ڪيل صدر آصف علي زرداري جي 69 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته صدر آصف علي زرداري 18هين ترميم ذريعي ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو ۽ ان جا اختيار پارليامينٽ جي حوالي ڪيا ۽ سندس مفاهمتي پاليسي جي ڪري ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون هلي رهيون آهن ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو حل آصف علي زرداري وٽ به آهي، هن چيو ته بي اعتمادي جي رٿ پاس ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حڪومت کي هٽائڻ جو واحد آئيني رستو موجود نه  آهي تحريڪ عدم اعتماد ۽ حڪومت جو تختو اونڌو نه ٿو ڪري سگهجي. نثار کهڙي چيو ته پيپلز پارٽي وٽ پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين لاءِ مفاهمت ۽ ڳالهين جا دروازا کليل آهن، جڏهن ڳالهين جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته عمران خان نئين چونڊ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جيڪو مطالبو هن وقت جمهوري ناهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي غلط ڪمن جي ڪري جيل ۾ آهي ڇو ته عمران خان ڪڏهن به جمهوريت پسند ناهي رهيو ۽ هو پنهنجي عادت کان مجبور آهي. نثار کهڙي چيو ته پي ٽي آءِ جا آزاد ميمبر به محمود خان اچڪزئي جي پارٽي ۾ وڃن ها ته کين مخصوص سيٽون ملن ها. هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت عدالت جو فيصلو مبهم ۽ عوام جي سمجهه کان ٻاهر آهي.

بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ صدر جي سالگرهه تقريب، خراج پيش

ڪراچي(رپورٽر) بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ صدر آصف علي زرداري جي 69هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان دوران صدر جي  ڊگهي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي.سالگرهه جي تقريب ۾ بلاول هائوس ميڊيا سيل جي انچارج سُريندر ولاسائي سان گڏ ڪوآرڊينيٽر ٽو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مير سهراب مري، اڳوڻو صوبائي وزير موهن لال ڪوهستاني، اڳوڻو سينيٽر انور لال دين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سريندر ولاسائي سميت ٻين اڳواڻن ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ويو ته صدر آصف علي زرداري جون ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي، بقا ۽ واڌاري لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، تقريب ۾ صدر جي صحتيابي ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي.ٻي پاسي پيپلز پارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر زرداري هائوس ۾ صدر آصف علي زرداري جي 69 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. وزيرن، سينيٽرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ صدر زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي عورت ميمبرن سعديه جاويد، هير سوهو، ريحانه لغاري، ندا خورو، رخسانه شاهه، تنزيلا قمبراڻي، شازيه ڪريم، سيما خرم، صائمه آغا، عروبه رباني ۽ روما مشتاق ۽ ٻيون به موجود هيون.جڏهن ته صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، سيد سردار شاهه، ذوالفقار علي شاهه، ايم پي اي سهيل انور سيال، سينيٽر ڪاظم علي شاهه، سينيٽر پونجو ڀيل، سينيٽر ضمير گهمرو، علي رشيد، اعجاز احمد لغاري، جاويد ناياب ۽ عاطف زيدي پڻ موجود هئا، ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي وڏي ڄمار، ڪامل صحت، خوشين ۽ ڪاميابين لاءِ دعا به ڪئي وئي.

لاهور ۾ صدر جي سالگرهه تقريب دوران بجلي هلي وئي

لاهور(م ڊ) لاهور ۾ آزادي فلائي اوور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت پاران صدر آصف علي زرداري جي سالگرهه جي تقريب  ٿي وئي، جنهن دوران بجلي بند ٿي وئي، بجلي بند ٿيڻ تي پ پ قيادت ۽ ڪارڪن ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته گو مريم گو، شرم ڪر شرم ڪر جا نعرا هنيا.پ پ اڳواڻ فيصل مير خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان اڄ بتيون بند نه ڪريو ها ته توهان جي ڳالهه ٻولهه نه ٿئي ها، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو مريم نواز جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ن ليگ جي حمايت نه ڪري ها ته اڄ اهي جيل ۾ هجن ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.