گهوٽڪي(رپورٽ: آزاد مهر) وڏي وزير واعدو ڪري عمل نه ڪيو، شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي امڙ پاران ڳڙهي خدابخش ۾ احتجاج جو اعلان. خبر موجب شهيد نصرﷲ جي امڙ امان پٺاڻي، پٽ يعقوب گڏاڻي ۽ پوٽي ارسلان کي ساڻ ڪري وڊيو بيان جاري ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ڌرڻي دوران سنڌ جي وڏي وزير 3 ڏينهن جي مهلت ورتي پر واعدن تي عمل نه ڪيو انڪري هاڻي ڳڙهي خدابخش پهچي محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي دانهن ڏينداسون ته شهيد نصرﷲ گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن،امان پٺاڻي چيو ته افسوس جو سنڌ جي واڳ ڌڻين جا واعدا وفا نه ٿي سگهيا آهن، نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ نامزد برڪت ۽ عبدالله لُنڊ اڃان تائين گرفتار ناھن ٿيا، جڏھن ته ڪيس جي جاچ ۾ وڌيڪ ڪنھن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿيڻ مان واضع آھي ته پوليس خالد لُنڊ ۽ سندس پُٽن کي بچائڻ چاھي پئي ۽ قتل ڪيس ۾ روايتي سُستي توڙي حرباهلايا وڃن پيا، هوڏانهن شهيد جي پٽ ارسلان گڏاڻي لڙڪ لاڙيندي چيو ته بابا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ واسي اسان جو ساٿ ڏين.