پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڪي پي ۾ آپريشن نه ٿيڻ ڏينداسين، اسان جا فيصلا ڪو ٻيو نه اسان پاڻ ڪنداسين.
بنون ۾ امن جرڳي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته امن ۽ انصاف گهرنداسين نه، امن ۽ انصاف وٺنداسين، اسان پاڪستان لاءِ پنهنجو رت به وهايو، قربانيون ڏنيون.
هن چيو ته سياڻو انسان اهو هوندو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي جي تجربي مان سکي، بيوقوف انسان اِهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي تجربي مان ناهي سکندو.
علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ آپريشن نه ٿيندو، اسان جا فيصلا ڪو ٻيو نه اسان پاڻ ڪنداسين.
Next Post
You might also like