حڪومتي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ جماعت اسلامي جي حڪمت عملي تبديل، ٽن هنڌن تي ڌرڻن جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان رستن جي بندش ۽گرفتارين کانپوءِ جماعت اسلامي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي ۽ ٽن هنڌن تي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاج جي سڏ تي ريڊ زون ۽ راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙ روڊن کي ڪينٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ پوليس طرفان مختلف هنڌن کان جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر هاڻ جماعت اسلامي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي آهي.
جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف موجب، جماعت اسلامي ٽن هنڌن تي ڌرڻن جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
هن چيو ته مري روڊ راولپنڊي، زيرو پوائنٽ اسلام آباد چورنگي نمبر 26 تي ڌرڻو هنيو ويندو جڏهن ته زيرو پوائنٽ اسلام آباد تي ڌرڻي جي قيادت حافظ نعيم الرحمان ڪندو.
سندس چوڻ هو ته حافظ نعيم الرحمان جي هدايت آهي ته جتي رنڊڪ هوندي اتي ڌرڻو هنيو ويندو، ترجمان چيو ته حڪومت فسطائيت تي لهي آهي، تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪيون ٿا ۽ هنيئر تائين 1550 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن اعلان ڪيو ته بجلي بلن ۾ لاٿ ۽ پگهارن تي ٽئڪس ختم ڪرڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.