نوشهرو فيروز ۾وحشي پيءُ ۽ چاچن ناري تي تشدد ڪري ڄنگهون ڀڃي ڇڏيون، هڪ ڄڻو گرفتار، ايس سي ايس ڊبليو جي مذمت

نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهروفيروز جي گل ٽائون ۾ نوجوان ناري صوبيا شاهه تي سندس پيءُ ۽ چاچن پاران مبينا غير انساني تشدد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سندس ٻئي ڄنگهون زخمي ڪري ڇڏيون آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب صوبيه شاهه کي مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ ڪورٽ وڃڻ تي پيءُ ۽ چاچن پاران سخت تشدد ڪيو ويو صوبيا شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي جوابدارن جا نالا ٻڌايا آهن جنهن ۾ غلام مصطفيٰ، محمد علي، شھنشاھ، عرفان ۽ مشتاق شاھ شامل آهن، زخمي ناري نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪئي وئي آهي . هن چيو ته سندس ماءُ ۽ ڀيڻ کي تحفظ ڏنو وڃي، جوابدارن قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.
ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي زخمي ناري ۽ سندس امڙ کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ڪيس ۾ ڇهن جوابدارن مان هڪ جوابدار قربان شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. عورتن جي حقن واري ڪميشن به ان تي مذمتي بيان جاري ڪندي ناريءَ جو مڪمل ساٿ ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.
ڊاڪٽر امبر ڀاٽيا چيو آهي ته نارين تي تشدد جا واقعا وڌن پيا جيڪا اسان لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، صوبيا شاهه سان اسان گڏ آهيون اسان کي اميد آهي ته کيس جلد انصاف ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.