حيدرآباد (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ايلسا قاضي ڪيمپس جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد گلزار علي شاهه وڪيل معرفت فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين عبدالستار عالماڻي جي ناجائزين تي سول ڪورٽ ۾ هڪ ڪرروڙ رپين جي هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
عدالت ڊين کي نوٽيس جاري ڪري 10 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. درخواست چيو آهي ته ناجائزين سبب صحت، شهرت ۽ عزت سميت مالي نقصان ٿي رهيو آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي.
سنڌ يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر جو ڊين خلاف عدالت سان رابطو، هڪ ڪروڙ هرجاڻي جي دعويٰ
You might also like